ڏاهري متارو خان

ڏاهري متارو خان

ڏاهري متارو خان

ڏاهري، متارو خان: متارو خان ڏاهري، سنڌ جي شاگرد سياست جو هڪ بيباڪ ڪردار، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي آخري شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهي. متاري خان ڏاهريءَ، 1954ع ڌاري ڳوٺ محمد هاشم ڏاهري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد هاشم ڏاهري پنهنجي وقت جو ڀاڳيلو شخص هو ۽ سندس ڏاڏو متارو خان پنهنجي دور جو وڏو پهلوان هو. متاري ڏاهريءَ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، شهدادپور ميونسپل هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين ۽ شهدادپور ڪاليج مان ئي بي. اي ڪيائين. متارو ڏاهري هاءِ اسڪول جي زماني کان ئي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهيو. کيس 1975ع ۾ سنڌ ڪرائيم ايڪٽ هيٺ هڪ سال لاءِ جيل ڏسڻو پيو. ان وقت هي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿي چڪو هو. هن جيل مان ئي بي. جي جو امتحان ڏنو. جنهن بعد سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ پوليٽيڪل سائنس شعبي ۾ داخلا ورتائين. کيس اهليت ۽ سياسي قربانين جي ڪري شاگرد يونين ۾ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، جڏهن ته يونين جو صدر شبير احمد لاکو هو. متارو ڏاهري شاگردن جو مقبول ليڊر ٿي اُڀريو. جڏهن جساف ۾ گروهه بنديءَ جنم ورتو ته متاري ڏاهريءَ کي سائين جي. ايم. سيد جنرل سيڪريٽريءَ لاءِ تجويز ڪيو. هن سيد جي فيصلي جي لڄ رکي. سندس سمورن شاگردن سان بهتر لاڳاپا رهيا. سال 1978ع جي آڪٽوبر ۾ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه جي شاگردياڻي شيرين سومرو سان پيش آيل واقعي جي اطلاع تي ردعمل طور سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ ايل. ايم. سي جا هزارين شاگرد ڄام شوري ڦاٽڪ تي سراپا احتجاج ٿي نڪتا، جن ۾ متارو ڏاهري به پيش پيش هو. متارو ڏاهري ان احتجاج سبب ٻين شاگرد اڳواڻن سان گڏ مارشل لا جي ٻوهي ۾ آيو. سندس مائٽن ۽ عزيزن جي گهرن تي ڇاپا لڳا. سندس ڀاءُ محمد يوسف ڏاهريءَ کي گرفتار ڪري مٿس تشدد ڪيو ويو. ڪافي عرصو روپوش رهڻ کان پوءِ متارو ڏاهري 1979ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ لاڳيتو 5 سال جيل ۾ رهيو. قومپرست سياست ۾ متارو ڏاهري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان واڳيل رهيو، پر جيل دوران امداد چانڊيي ۽ شير محمد مڱريي جي صحبت ۾ هن ۾ ترقي پسند سوچ پيدا ٿي. مطالعي سان ڀرپور چاهه رکيائين. قومپرست ترقي پسند جمهوري نظرين کي اپنايائين. متارو ڏاهري ملهه ۽ ڪٻٽي راند جو شوقين هو. سنڌ جي ثقافت سان کيس بيحد چاهه هو. شاهه لطيف، جي. ايم. سيد ۽ سورهيه بادشاهه سندس آئيڊيل ڪردار هئا. هن پوين سالن ۾ پنهنجي دوستن تاج مري، طالب جکري (عوامي پارٽي)، سليمان ڏاهري (عوامي تحريڪ ) سان گڏجي، ڳوٺن ۾ ڪچهريون رکايون ۽ سياسي اختلافن کان مٿڀرو ٿي قومي طبقاتي جاڳرتا ۾ حصو ورتو ۽ سياست ۾ رواداريءَ واري رجحان کي هٿي ڏنائين. سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ به گڏجي ڪم ڪيائين. عوامي پارٽيءَ جو به ساٿ ڏنائين. مطلب ته قومي، جمهوري ۽ ترقي پسند سياست ۾ سرگرم رهي، مواداريءَ کي هٿي ڏنائين. متاري ڏاهريءَ پنهنجي علائقي ۾ ڪيترا سماجي سياسي ڪارڪن تيار ڪيا. پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري، مدي خارج سماج جي خاتمي لاءِ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهد ڪئي ۽ مشڪلاتن کي بهادريءَ سان منهن ڏنو. هن 12 سيپٽمبر 2011ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو